ضياءُ القمر في حالاتِ شاهه صدر وَ تعارف خاندان سادات لڪياري

ضياءُ القمر في حالاتِ شاهه صدر وَ تعارف خاندان سادات لڪياري

ضياء القمر في حالاتِ شاهه صدر وَ تعارف خاندان سادات لڪياري

ضياءُ القمر في حالاتِ شاهه صدر وَ تعارف خاندان سادات لڪياري (ڪتاب): هي ڪتاب شاهه صدر لڪياري جي زندگي جي احوال ۽ لڪياري خاندان جي تعارف تي مشتمل آهي. جيڪو شاهه صدر لڪياري جي ايڪيهين سجاده نشين شاهه محمد شاهه جو لکيل آهي. هن ڪتاب جا واڌارا سڌارا مفتي نور نبي ڪيا آهن. ڪتاب ۾ شاهه صدر لڪياري ۽ سندن خاندان جي عرب ملڪ کان سنڌ تائين اچڻ، انهن جي عرب ملڪ ۾ اهميت، لڪي ۾ آباد ٿيڻ، ديني خدمتن ۽ گادي نشيني جي سلسلي تي جامع روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ شاهه صدر لڪياري جي شان ۾ دادن فقير جي ڪيل شاعري ڏني وئي آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مصنف جو مختصر تعارف ڏنل آهي. ڊيمي سائيز، رنگين ٽائيٽل، ڪچي جلد سان هي ڪتاب شاهه صدر اڪيڊمي، درگاهه حضرت شاهه صدر الدين لڪي ڄامشوري پاران اپريل 2016ع ۾ ڇپيو. 182 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو